ڄام تغلق دور جي اٺ ٿنڀي

ڄام تغلق دور جي اٺ ٿنڀي

ڄام تغلق دور جي اٺ ٿنڀي

ڄام تغلق دور جي اٺ ٿنڀي: هيءَ ڇٽي مڪلي، ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. هن ڇٽيءَ هيٺان فقط هڪ قبر آهي. ماهرن جي راءِ آهي ته اها ڇٽي ڄام تغلق ولد ڄام سڪندر جي دور جي ٿي سگهي ٿي. ڏسڻ وائسڻ ۾ هيءَ ڇٽي ڄــام تـمــاچيءَ واري ڇٽيءَ جھڙي آهي، فـقـط چـٽـسـالــيءَ ۾ ٿورڙو فرق آهي. هن جــي ســردرن تــــي ڪنگريون نظر نه ٿيون اچن. هيءَ اڏاوت پندرهين صدي عيسويءَ جي معلوم ٿئي ٿي. هن ڇٽيءَ جي سردرن وٽ به فارسي رسم الخط ۾ تحريرون اڪيريل آهن، جن کي پڙهڻ کانپوءِ شڪ اڀري ٿو ته هيءُ مقبرو ملڪ راهوءَ جو آهي يا وري اهو ملڪ راهو جوڙايو هو. ملڪ راهو ڄام تغلق جو همدرد هو. انهن سڀني ڇٽين جا ٿنڀ پٿرن مان گهڙيل آهن. هر ٿنڀ هڪ ڪنڊ ٺاهي ٿو، هر ڇٽيءَ جا ٿنڀ لڳ ڀڳ هڪجهڙا آهن. اهڙا ئي ٿنڀا ڊيلٽا ۾ ’ٿنڀ واري مسجد‘ ۾ به نصب ٿيل ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو